چڙيا وَل/ جھَرڪيا/ پروڙي

چـڙيا وَل/ جھَـرڪـيا/ پروڙي: هي گاهه جو هڪ قسم آهي. هي زمين تي ول وانگر پکڙي ڇٽ هڻندو آهي. جتي ٻيا گاهه گھٽ اڀرندا آهن، اتي هي گاهه وڌيڪ نظر ايندو آهي. هيءُ گاهه خاص ڪري نرم زمين تي سٺي واڌ ويجھه ڪندو آهي. هن کي تقريباً هر جانور شوق سان کائيندو آهي، جڏهن ته هيءُ گاهه اٺ جو پسنديده چارو آهي. سڪڻ کان پوءِ جلد ختم ٿي ويندو آهي. هن جا گل ننڍا ۽ ڌاڻن وانگر جھڳٽن ۾ ٿيندا آهن. هن جو ٻج پچڻ کان پوءِ پکي به کائيندا آهن. ٿر جي مختلف ڀاڱن جهڙوڪ سامروٽي ۾ ’پروڙي‘، مهراڻي ۾ ’جھرڪيا‘، جڏهن ته پارڪر، ڍٽ توڙي کاهڙ ۾ هن ول کي چڙيا ول سڏيو وڃي ٿو.. هن جو ٻج ٻن ڦاڪن وارو ٿيندو آهي. هن جو تاثير ٿڌو آهي. حڪمت جي علاج مطابق پيشاب جي تڪليف کان هن ول کي گھوٽي پياربو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو